SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


روانڊا ۾ ٿيل ڏوهن بابت بين الاقوامي خصوصي عدالت


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


روانڊا ۾ ٿيل ڏوهن بابت بين الاقوامي خصوصي عدالت

International Criminal Tribunal for Rwanda ICTR

انٽرنيشنل ڪرمنل ٽربيونل فار روانڊا

1990ع واري ڏهاڪي جي شروعات کان وچ اوڀر آفريقا جي مُلڪ روانڊا ۾ گهرو لڙائي عمل ۾ آئي، جنهن جي نتيجي ۾ مُلڪ جي ٻن مُک قبيلن ”هُوتو“ (Hutu) ۽ ”تُوتُسي“ Tutsis) وچ ۾ گهڻي رتوڇاڻ ۽ خون خرابو ٿيو. انهيءَ قتل عام کي ننديندي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل 1 جولاءِ 1994ع تي ٺهراءُ نمبر، 935 پاس ڪندي، هڪ ڪميشن جي قيام جو مشورو ڏنو. جيڪا روانڊا جي صورتحال جو جائزو وٺي، گهرو لڙائيءَ ۾ ٿيل جنگي ڏوهن جي جانچ سان گڏ، بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙيون ڪندڙن ۽ ٿيل قتلام جون ذميواريون طئي ڪري. ڪميشن طرفان مليل رپورٽ جي روشنيءَ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، روانڊا ۾ ٿيل جنگي ڏوهن بابت، بين الاقوامي خاص عدالت جوڙڻ جي تجويز ڏني. ان تجويز تي عمل درآمد جي سلسلي ۾ نومبر 1994ع ۾ ڇهن ججن (تنزانيا ۾) پنجن اپيل ٻُڌندڙ ججن (هيگ ۾) ۽ هڪ چيف پراسيڪيوٽر تي ٻڌل خاص ٽربيونل قائم ٿي، جنهن کي 1 جنوري 1994ع کان 31 ڊسمبر 1994ع تائين روانڊا ۾ ٿيل قتلام جا ڪيس هلائڻ جي ذميواري ڏني وئي. انهيءَ ٽربيونل 50 مقدما هلائي 29 جوابدارن کي سزائون ڏنيون


Remember Me Also:

قليه

ذ. ع. قَلَيَ = تئي ۾ ڪنهن شيءِ کي ڀُڃڻ ٻوڙ. ڀُڳل ٻوڙ ، ڀُڳو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal